پنجو ديرو

پنجو ديرو: هي قديم ماڳ نئين ديري ڀرسان، سکر روڊ تي تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ موجود آهي. هي دڙو ٻن حصن ۾ ورهايل آهي ۽ ان جي کوٽائي نه ٿي سگهي آهي. دڙي تي ماڻهن جي والار آهي. هي دڙو زمين جي سطح کان 6-7 فوٽ مٿي آهي. برسات ۾ هتان ٺڪراٺو، مڻيا، عاج جي چوڙين جا ٽُڪر ۽ ٻيو ثقافتي سامان ملي ٿو. اندازو آهي ته هي مسلم دؤر جو دڙو آهي، پر پڪ تڏهن ٿيندي، جڏهن دڙي جي کوٽائي ٿيندي.


لفظ پنجو ديروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو